ٽيڪس ڏيندڙن جي تعداد ۾ 27 سيڪڙو واڌ ٿي،نتيجا جلد نظر ايندا: حفيظ شيخ

0
53
hafeez sheikh

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته حڪومتي قدمن سبب ٽيڪس وصولي ۾ واڌ ٿي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ هو ته ٽيڪس ڏيندڙن جي تعداد ۾ 27 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، ٽيڪس وصوليون مقرر هدف جي مقابلي ۾ 90 سيڪڙو تائين ٿيون جڏهن ته روينيو ڪليڪشن ۾ 25 سيڪڙو واڌ ٿي.

عبدالحفيظ شيخ چيو ته حڪومت جي معاشي ٽيم اقتصادي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري پئي، ملڪي درآمدات ۾ گهٽتائي سبب ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 73 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.

سندس چوڻ هو ته پرائيوٽ سيڪٽر کي مختلف مراعتون ۽ سبسڊي ڏني آهي، بجيٽ ۾ پهريون ڀيرو عسڪري خرچن کي منجمند ڪيو ويو.

عبدالحفيظ شيخ چيو ته ملڪي برآمدات وڌائڻ لاءِ قدم کنيا آهن، جولاءِ کان آگسٽ دوران 580 ارب رپيا روينيو ۾ واڌ ٿي، برآمد ڪندڙن کي ري فنڊ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون هيون، فيصلو ڪيو آهي ته برآمد ڪندڙن کي فوري ٽيڪس ري فنڊ ڪيا وڃن ۽ هر مهيني جي 16 تاريخ تي انهن کي ٽيڪس ري فنڊ ڪيا ويندا.

ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ هو ته 10 ارب کان وڏو منصوبو ايڪنڪ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، 2 کان 10 ارب جي پراجيڪٽ جي منظوري پي ڊي ڊبليو ۾ ڪرائي ويندي.

LEAVE A REPLY