راڻا ثناءُالله خلاف منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 14 سيپٽمبر تائين ملتوي

0
47
Rana Sanaullah

لاهور (ويب ڊيسڪ) منشيات جي خاتمي واري عدالت راڻا ثناءُالله خلاف منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 14 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽن موجب پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُالله جو جوڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ تي کيس اڄ منشيات جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو پر جج جي غير موجودگي سبب ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي راڻاثناءُالله چيو ته ڪفر جي حڪومت هلي سگهي ٿي پر ظالم جي حڪومت نه هلي سگهندي، هي ظلم جي رات بس هاڻ ختم ٿيڻ واري آهي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف هڪ سال جي حڪومتي دور ۾ انتقام جي سياست ڪئي، هي ظالم حڪمرانن جو ٽولو آهي.

سندس چوڻ هو ته شرم جهڙي ڳالهه آهي ته رياست ذاتي مقصدن جي لاءِ مون مٿان منشيات جو ڪيس ٺاهي رهي آهي.

LEAVE A REPLY