راڻا ثناءُالله جو ڪيس اسان جي نظامِ عدل جو امتحان آهي: احسن اقبال

0
60
Ahsan Iqbal

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته ڪابه ڊيل ناهي ٿي رهي جڏهن به نوازشريف جي اپيل عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هوندي آهي ته حڪومت پاڻ ڊيل جون ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيندي آهي.

تفصيل موجب لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته راڻا ثناءُالله سميت سمورا سياسي ڪارڪن حوصلي ۽ جوانمردي جي مثال آهن.

هن چيو ته راڻا ثناءُالله کي بدترين حالتن ۾ رکيو ويو آهي پر ان جي باوجود هن ڪابه شڪوه ناهي ڪئي، راڻا ثناءُالله جو ڪيس اسان جي نظام عدل جو امتحان آهي، ان جي ڪيس جي جج کي واٽس ايپ تي تبديل ڪرڻ غير مناسب آهي.

احسن اقبال چيو ته چيف جسٽس ان معاملي جو نوٽيس نه ورتو ته مستقبل ۾ من پسند ججن جي مقرري ڪري پنهنجي مرضي جا فيصلا وٺڻ جا حڪومت جا دروازا کلي ويندا.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته نوازشريف ڪيس ۾ ان سان به انصاف ناهي ٿيو جيڪڏهن ان جو فيصلو تبديل نه ڪيو ويو ته ماڻهن جو انصاف ملڻ تي اعتماد وڌيڪ گهٽ ٿي ويندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪابه ڊيل ناهي ٿي رهي جڏهن به نوازشريف جي اپيل عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هوندي آهي ته هي عدليه تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ حڪومت پاڻ ڊيل جون ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيندي آهي.

LEAVE A REPLY