سموري ملڪ ۾ اڄ هوائي فوج جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

0
51
PakAirForceDay

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سموري ملڪ ۾ اڄ پاڪ هوائي فوج جو 54هون ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.

تفصيل موجب پاڪستاني هوائي فوج جو شمار دنيا جي ڏهه بهترين هوائي فوجن ۾ ٿيندو آهي، هن فورس جي جانبازن 1965 جي جنگ ۾ ملڪ جي حفاظت جي لاءِ جرعت ۽ بهادري جون ڪيتريون ئي داستانون لکيون آهن.

7 سيپٽمبر تي هوائي فوج جي ڏهاڙي جي موقعي تي نشان حيدر ماڻيندڙ پاڪ هوائي فوج جي پائليٽ آفيسر شهيد راشد منهاس جي قبر تي ان جي عزيزن ۽  هوائي فوج جي آفيسرن حاضري ڏني.

 شهيد پائلٽ راشد منهاس جي قبر تي پاڪ هوائي فوج جي دستن سلامي به ڏني، ايئروائيس مارشل عباس گهمن سميت هوائي فوج جا اعليٰ آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا.

ان موقعي تي  پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اڄ يوم دفاع جي موقعي تي اسان شهيدن  کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آيا آهيون.

هن چيو ته اڄ کان 54 سال اڳ دشمن اسان تي حملو ڪيو جنهن کي پاڪ فوج قوم جي تعاون سان ناڪام بنائي ڇڏيو هو.

ان وقت پاڪستان ايئرفورس بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، پاڪ هوائي فوج 24 ڪلاڪن ۾ ڀارت جي زمين تي واپس ڪري ڇڏيو جڏهن ته ان جي فورس ان وقت پاڪستان ايئرفورس کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مضبوط هئي.

LEAVE A REPLY