عمرڪوٽ ڀرسان سرڪاري نمبرپليٽ واري گاڏي جي ٽڪر، نوجوان فوت

0
83
Umerkot Accident

عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ) عمرڪوٽ ڀرسان سرڪاري نمبر پليٽ واري گاڏي جي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

تفصيل موجب ڪُنري روڊ تي رات دير سان سرڪاري نمبر پليٽ واري تيز رفتار گاڏي هڪ ئي وقت ٽن موٽر سائيڪلن کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان رجنيش ولد اشوڪ مالهي فوت ٿي ويوجڏهن ته 4 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا.

اکين ڏٺن شاهدن ميڊيا کي ٻڌايو ته سرڪاري نمبر پليٽ واري گاڏي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ وڪيل پونجو مل ڀيل جي آهي، جيڪو نشي ۾ ڌت هو ۽ هُن ئي موٽرسائيڪلن کي ٽڪر هنيو، واقعي کانپوءِ پونجومل ڀيل گاڏي مان سرڪاري ڪاغذ ڪڍي فرار ٿي ويو.

پوليس اِن ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته موٽر سائيڪلن کي ٽڪر سرڪاري نمبر پليٽ واري گاڏي ئي هنيو آهي، جنهن کي ٿاڻي تي بيهاريو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته اِن معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته گاڏي ۾ سوار پيپلزپارٽي جو اڳواڻ پونجو مل ڀيل هو يا ڪي ٻيا هئا، ڇاڪاڻ ته واقعي کانپوءِ گاڏي ۾ سوار ماڻهو فرار ٿي ويا.

LEAVE A REPLY