ڀارت خلائي مشن جي ناڪامي جو ذميوار ڪنهن کي چوندو آءِ ايس آءِ کي؟: پاڪ فوج جو ترجمان

0
71
DG ISPR

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور  به ڀارت جي خلائي مشن چندريان جي ناڪامي تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

تفصيل موجب ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ڀارتي خلائي مشن چندريان جي ناڪامي تي پنهنجي بيان ۾ آءِ ايس آر او (انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائيزيشن) کي تنقيدي شاباشي ڏني.

وڌيڪ پڙهو: ڀارت جو چنڊ تي وڃڻ وارو خواب ٻيون ڀيرو به اڌورو رهجي ويو

آصف غفور چيو ته هاڻي ان جي ذميواري ڪنهن تي مڙهيندا؟ والاريل ڪشمير جي معصوم عوام تي؟ ڀارت ۾ مسلمانن ۽ اقليتن تي؟ ڀارت ۾ هندوتوا خلاف اٿندڙ باشعور آواز تي يا وري آءِ ايس آءِ تي؟.

پاڪ فوج جي ترجمان ڀارت کي پيغام ڏنو ته هندوتوا اوهان کي ڪٿي جو نه ڇڏيندي تنهن ڪري چنڊ کي اڪيلو ڇڏي ڏيو.

هن پاڪستان ۾ جنگي قيدي بڻجندڙ اڀي نندن کي ڀارتي ايوارڊ ير چڪرا ملڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هڪ ٻئي ڪوڙي ڪهاڻي ۽ جعلي دعويٰ جو جواب ڏسون ٿا، هڪ ٻيو وير چڪرو.

LEAVE A REPLY