زرداري جي دوستن پلي بارگين جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن: شيخ رشيد

0
73
Shaikh Rsheed

سکر (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته آصف علي زرداري جي دوستن پلي بارگين جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، نوازشريف جو به اهوئي ارادو آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مودي جيڪا حرڪت ڪئي آهي ان سان اسان وٽ جنگ جي سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي پر اسان پوءِ به ڳالهين جي ذريعي معاملا حل ڪرڻ چاهيون ٿا ڇو ته ٻئي صورت ۾ پورو خطو تباهه ٿي ويندو.

وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي قسمت بدلجندي، ڏهه هزار نوڪريون ڏئي ڇڏيون آهن، ڪابينا ڏهه هزار وڌيڪ نوڪرين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هڪ لک ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ جو ارادو آهي.

هن چيو ته ڪوريا ۾ به هڪ صدر جيل ۾ آهي ٻيو قتل ٿي ويو آهي، جيڪو بي ايمان هوندو، ڌوڪو ڏيندو، عوام ۽ ميڊيا ان کي بخش نه ڪندو.

LEAVE A REPLY