جج وڊيو ڪيس: ناصرجنجوعا، خرم يوسف ۽ غلام جيلاني آجا قرار

0
69
Arshad Malik Case

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي مقامي عدالت احتساب عدالت جي جج ارشدملڪ جي وڊيو اسڪينڊل ۾ نامزد ٽن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ جج وڊيو اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.

ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر ۽ پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جاچ دوران جوابدارن خلاف ڪوبه ثبوت نه مليو تنهن ڪري هُنن کي ڪيس مان بري ڪيو وڃي.

عدالت ايف آءِ اي جي استدعا تي ڪجهه دير لاءِ فيصلو محفوظ ڪيو جنهن کي ٻڌائيندي وفاقي جاچ اداري جي درخواست منظور ڪئي وئي.

عدالت ايف آءِ اي جي سفارش تي جج وڊيو اسڪينڊل جي ٽن جوابدارن ناصر جنجوعا، خرم يوسف ۽ غلام جيلاني کي ثبوت نه هئڻ جي بناءَ تي بري ڪري ڇڏيو.

LEAVE A REPLY