پاڪستان ڀارتي صدر کي فضائي حدون استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

0
49
Indian President

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي صدر جي فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير ۾ بربريت ۽ ظلم ٿي رهيو آهي، اسان صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ نهايت محتاط طريقي سان مسئلي کي اٿاريو پر ٽس کان مس نه ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته ڀارتي صدر آئيس لينڊ وڃڻ لاءِ پاڪستاني فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت گھري هئي پر والاريل ڪشمير جي هاڻوڪي حالتن ۾ ڀارتي قيادت کي پاڪستاني فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگھون.

سندس چوڻ هو ته ڀارتي جنونيت کي نظر ۾ رکندي پاڪستان اهڙو فيصلو ڪيو، وزيراعظم عمران خان فيصلي جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي.

LEAVE A REPLY