ڀارت طرفان ٻن پاڪستاني شهرين جي ايل او سي پار ڪرڻ جي دعويٰ

0
64
India LOC

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي هڪ ٻئي ڪوڙي ڪهاڻي بي نقاب ٿي وئي، ڀارتي فوج ۽ ميڊيا ايل او سي تي 21 آگسٽ تي ٻن دهشتگردن کي پڪڙڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر  ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته 21 آگسٽ تي حاجي پير سيڪٽر تان 2 پورهيت غلطي سان لائن آف ڪنٽرول پار ڪري ويا هئا،  ايل او سي پارڪندڙن ۾ 21 سالن جو محمد ناظم ۽ 30 سالن جو خليل احمد شامل آهن جيڪي پنهنجي علائقي ۾ گاهه وڍيندي غلطي سان ايل او سي پار ڪري ويا.

ISPR

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 27 آگسٽ تي ٻنهي ملڪن جي اختيارين وچ ۾ هاٽ لائن تي ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي هئي، ڀارتي اختيارين معمول جي قانوني ڪارروائي کانپوءِ جواب ڏيڻ جو چيو هو، 2 سيپٽمبر تي ڀارتي ميڊيا ڪوڙي پروپيگنڊا ڪندي انهن ٻنهي ڄڻن کي پابندي پڙهيل تنظيمن جا ميمبر قرار ڏنو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو ته ڀارتي فوج 4 سيپٽمبر تي جعلي فليگ آپريشن بابت پريس ڪانفرنس ڪئي، ڀارتي فوج ٻنهي پورهيتن کي دهشتگرد ظاهر ڪرڻ لاءِ من گهڙت ڪهاڻي ٻُڌائي، ڀارتي فوج تشدد ڪري ٻنهي ڪشميري پورهيتن کان زبردستي بيان ورتا، ڪشميري پورهيتن کي راولپنڊي جا رهواسي هئڻ جو بيان ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو، ٻئي شهري ايل او سي ويجهو ڳوٺ تيره بن جا رهواسي آهن.

LEAVE A REPLY