ڀَنگ سوڌو ڪنهن به نشي آور شئي کي هٿ به نه هنيو آهي: قائم علي شاهه

0
96
Qaim Ali Shah

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته اڄ تائين ڀنگ سوڌو ڪنهن به نشي آور شئي کي هٿ به نه هنيو آهي.

تفصيل موجب ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي قائم علي شاهه چيو ته مونکي وڏي وزير جي عهدي تان ڇو هٽايو ويو اُها خبر ناهي، مراد علي شاهه کي وڏو وزير ٺاهڻ لاءِ ڪجهه ماڻهون ڪم ڪري رهيا هئا.

قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته دوستن بي وفائي ڪئي، ڏُک ڏيڻ تي مايوس نه ٿيس، منهنجي دور ۾ اويس مظفر ۽ فريال ٽالپر فيصلا نه ڪندا هئا، مرادعلي شاهه جي مدي بابت مان نوڪمنٽس چوندس.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ تائين ڀنگ سوڌو ڪنهن به نشي آور شئي کي هٿ به نه هنيو آهي، ننڍپڻ ۾ وڏو شرارتي هوندوهئس، اڄ تائين ڪنهن کي تاويز لکي نه ڏنا آهن.

LEAVE A REPLY