آمريڪا جو افغانستان ۾ ناڪامي تي پاڪستان کي الزام ڏيڻ غلط آهي: وزيراعظم

0
52
Imran Khan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا جو افغانستان ۾ ناڪامي تي پاڪستان کي الزام ڏيڻ غلط آهي.

تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان پرڏيهي خبرايجسني کي انٽرويو ڏيندي چيو ته آمريڪا جي جنگ ۾ شرڪت نه ڪيون ها ته دنيا ۾ خطرناڪ ملڪ نه چورايون ها.

هن چيو ته آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ جي خلاف هئس، سوويت يونين خلاف وڙهندڙ مجاهد هئا، مجاهدين آمريڪا خلاف ٿي ويا ته هُو دهشتگرد بڻجي ويا.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جا 70 هزار ماڻهو ماريا ويا، معيشت کي 100 بلين ڊالرن جو نقصان پهتو.

LEAVE A REPLY