پروڊڪشن آرڊر: قومي اسيمبلي اسپيڪر جو شاهد خاقان کي جوابي خط

0
25

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر جي هدايت تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاران اماڻيل خط جو جواب ڏئي ڇڏيو.

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران شاهد خاقان عباسي کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پروڊڪشن آرڊر معاملي تي اسپيڪر غيرجانبدراڻا سوچ سان فيصلا ڪندو آهي.

خط  موجب اسپيڪر حراست ۾ آيل قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي حقن جي تحفظ ڪرڻ جي حوالي سان ذميوارين کان چڱي ريت آگاهه آهي.

خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسپيڪر حراست ۾ آيل ميمبرن تي داخل ڪيس جو جائزو وٺندو آهي، پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ اسپيڪر جو اختيار آهي، ڪو به ميمبر ان جو مطالبو نه ٿو ڪري سگهي، اسيمبلي قاعدن جي ضابطن موجب اسپيڪر ضروري سمجهڻ تي حراست ۾ آيل ميمبرن کي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ طلب ڪري سگهي ٿو.

خط موجب پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جي حوالي سان آئيني گنجائش موجود ناهي، جيڪڏهن حراست ۾ آيل ميمبر پروڊڪشن آرڊر بابت مطمئن ناهن ته عدالت سان رابطو ڪري سگهن ٿا.

واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر کي حراست ۾ آيل اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ بابت خط لکيو هو.

LEAVE A REPLY