ائٽمي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ جا خطرناڪ نتيجا ٿي سگهن ٿا: وزيراعظم

0
59
PM Imran Khan

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جوهري صلاحيت رکندڙ ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ جا خطرناڪ نتيجا ٿي سگهن ٿا.

تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪوبه سمجهو ماڻهو جوهري جنگ جي ڳالهه نه ٿو ڪري سگهي، جوهري صلاحيت رکندڙ ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ جا خطرناڪ نتيجا ٿي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائڻ لاءِ دنيا کي مداخلت ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير جي خراب صورتحال جا اثر برصغير کان ٻاهر وڃي سگهن ٿا، دنيا کي اهڙي صورتحال کان بچڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ مداخلت ڪري پوندي، ڀارت طرفان والاريل وادي جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ کانپوءِ صورتحال اڃا خراب ٿي وئي آهي.

LEAVE A REPLY