مريم نواز لاءِ گهر جو کاڌو کڻي اچڻ تي پابندي

0
42
maryam nawaz

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز لاءِ گهر جو کاڌو بند ڪيو ويو آهي.

مريم نواز جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ذيشان ملڪ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته نيب اختيارين مريم نواز لاءِ آيل کاڌو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ذيشان ملڪ جو چوڻ هو ته مريم نواز لاءِ گهر جو کاڌو بند ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن عمران نيازي کي لڳي ٿو اهڙين حرڪتن سان حوصلا ڪمزور ٿيندا ته اها ان جي غلط فهمي آهي.

سندس چوڻ هو ته نيب اختيارين گهر جو کاڌو وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته نئين حڪم نامي موجب گهر جو کاڌو بند ڪيو ويو آهي.

ذيشان ملڪ چيو ته يوسف عباس جو ته سياست سان ڪو تعلق ناهي ان لاءِ به گهر جو کاڌو بند ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY