جولاءِ 2019 تائين حڪومتي قرضن جو ڪاٿو 33 هزار 23 ارب ٿي ويو: اسٽيٽ بينڪ

0
77
State Bank

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ موجب حڪومت جولاءِ 2019 ۾ 1237 ارب رپيا قرض ورتو جنهن کانپوءِ جولاءِ جي آخر تائين حڪومتي قرضن جو ڪاٿو 33 هزار 23 ارب رپيا ٿي ويو.

اسٽيٽ بينڪ موجب گڏيل قرضن ۾ مقامي قرض 22 هزار 12 ارب رپيا آهي ۽ حڪومت جو پرڏيهي قرض 11 هزار 11 ارب رپيا آهي.

اسٽيٽ بينڪ موجب حڪومت هڪ سال ۾ 8333 ارب رپيا قرض ورتو آهي، جولاءِ 2018 ۾ حڪومتي قرضن جو ڪاٿو ساڍا 24 هزار ارب رپيا هو، پرڏيهي قرضن جي رپين ۾ ماليت في ڊالر 163 رپين مان ڪڍي وئي.

اسٽيٽ بينڪ موجب جولاءِ ۾ مقامي سطح تي 1280 ارب رپيا قرض ورتو ويو ۽ جولاءِ ۾ 43 ارب پرڏيهي قرض جي ادائيگي ڪئي وئي.

LEAVE A REPLY