منشيات ڪيس: راڻا ثناءُالله جي عدالتي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ

0
50
Rana Sanaullah

لاهور (ويب ڊيسڪ) منشيات جي خاتمي واري عدالت مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر راڻا ثناءُالله جي عدالتي ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

لاهور جي منشيات جي خاتمي واري عدالت ۾ ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُالله خلاف منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اينٽي نارڪوٽيڪس فورس جي عملدارن راڻا ثناءُالله کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

اينٽي نارڪوٽيڪس فورس جي اختيارين عدالت کي آگاهي ڏني ته راڻا ثناءُالله وٽان 15 ڪلو هيروئن هٿ آئي، جنهن تي جج خالد بشير جو چوڻ هو ته مان ڊيوٽي جج طور ضمانت جي درخواست ٻڌندس.

راڻا ثناءُالله جي وڪيل اعظم نذير دليل ڏيندي چيو ته سي سي ٽي وي ڪيمرا جي ويڊيو ڏني وئي جنهن ۾ گاڏين جي ٽول پلازه کان لاهور ۾ داخل ٿيندي ڏيکاريو ويو، وزير پاڻ چيو ته ويڊيو موجود آهي، جاچ آفيسر 3 مهينن کان ماٺ ڪيون ويٺا آهن.

راڻا ثناءُالله جي وڪيل دليل ڏنا ته اسان جي ٽرائل، ضمانت ۽ ملڪيت ضبطي جون 3 پٽيشنز آهن.

ٻڌڻي دوران راڻا ثناءُالله عدالت ۾ بيان ڏنو ته روڊ تان پڪڙيو ويو ۽ عدالت ۾ اچي خبر پئي ته مون وٽان هيروئن هٿ آئي آهي، انهن قوم سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ گمراهه ڪيو.

عدالت ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُالله جي عدالتي ريمانڊ ۾ واڌ ڪندي کيس ٻيهر 28 سيپٽمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

LEAVE A REPLY