ن ليگ پاران چيف جسٽس کان راڻاثناءُالله ڪيس جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

0
48
maryam aurangzeb

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن چيف جسٽس آف پاڪستان آصف سعيد کوسا کان راڻاثناءُالله ڪيس جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته راڻاثناءُالله کي گرفتار ڪري سياسي انتقام جو بدترين مثال قائم ڪيو ويو آهي، راڻا ثناءُالله جي گرفتاري انصاف جي نظام تي چماٽ آهي.

مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته راڻاثناءُالله کي گرفتار منشيات ۾ ڪيو ويو ۽ جاچ وري اثاثن جي ڪئي پئي وڃي، نالائق حڪومت سندس خلاف ڪيس جج ۽ وڪيل بنا هلائي رهي آهي.

ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته حڪومتي پراسيڪيوٽر عدالت ۾ تسليم ڪيو ته انهن وٽ ڪا ويڊيو موجود ناهي، 2 مهينا 13 ڏينهن گذري ويا آهن راڻا ثناءُالله وٽان برآمدگي جي ويڊيو اڄ تائين ناهي ڏيکاري وئي.

مريم اورنگزيب چيو ته منشيات کي ڇڏي راڻا ثناءُالله جي اثاثن جي جاچ ڪئي پئي وڃي جيڪي کيس سندس جي والد ورثي ۾ ڏنا.

LEAVE A REPLY