مريم نواز کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ بابت فيصلو محفوظ، سڀاڻي ٻڌايو ويندو

0
43
Maryam Nawaz

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز کي مسلم ليگ ن جي نائب صدر جي عهدي تان هٽائڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو جيڪو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.

مريم نواز کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ بابت درخواست تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

پي ٽي آءِ جي وڪيل حسن مان پنهنجي دليلن ۾ موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ واضح طور تي چئي چڪي آهي ته نااهل يا سزا يافته شخص پارٽي صدارت نٿو رکي سگهي.

خيبرپختونخواهه ميمبر ارشاد قيصر ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اليڪشن ايڪٽ لاڳو ڪرڻ کان اڳ جو آهي، اليڪشن ايڪٽ ۾ نااهل يا سزا يافته شخص تي پارٽي صدارت يا عهدو رکڻ جي حوالي سان ڪا پابندي ناهي.

پي ٽي آءِ جي وڪيل موجب سپريم ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ جي شق 203 کي آرٽيڪل 62،63 ۽ 63 اي سان گڏ پڙهڻ جو چيو، اليڪشن ايڪٽ جي شق 203 پارٽي عهدي بابت آهي.

حسن مانِ چيو ته پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي صدر راءِ حسن نواز کي ان ئي بنياد تي نااهل ڪيو ويو هو.

مسلم ليگ ن موقف اختيار ڪيو ته ڪيس ۾ درخواستگذار متاثر ٿيندڙ ڌر ناهي ۽ اليڪشن ڪميشن ن ليگ انٽراپارٽي اليڪشن ڪيس ۾ درخواستگذار جي متاثر ڌر نه هئڻ تي ڪيس رد ڪري چڪي آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا ن ليگ جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ڇا مريم نواز جي نائب صدر جي عهدي جي چونڊ ٿي هئي.

ن ليگ وڪيل جواب ڏيندي چيو ته مريم نواز کي مقرر ڪيو ويو، ان جي عهدي جي چونڊ نه ٿي، ن ليگ جي آئين موجب نائب صدر وٽ ڪو اختيار ناهي،  هي رڳو علامتي عهدو آهي ۽ مريم نواز وٽ به ڪي به اختيار ناهن.

ن ليگ جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته مريم نواز خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست نه ٻڌڻي جوڳي ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي ان ڪري اليڪشن ڪميشن مريم نواز خلاف درخواست رد ڪري.

مريم نواز جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پارٽي جو حصو بڻجڻ يا عهدو رکڻ ڪنهن به شخص جو بنيادي حق آهي، آرٽيڪل 62،63 ۽ 63 اي کي اليڪشن ايڪٽ جي شق 203 سان گڏ نه ٿو پڙهي سگهجي.

مريم نواز جي وڪيل دليل ڏنا ته نواز شريف خلاف سپريم ڪورٽ جو فيصلو پارٽي صدارت کانسواءِ ڪنهن ٻئي عهدي لاءِ ناهي، ڪنهن به عدالت جي پراڻن فيصلن موجب فيصلو ڪرڻ اليڪشن ڪميشن لاءِ لازمي ناهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏنا ته آئين جي آرٽيڪل 190 ۾ اهڙو ڪو به اختيار ناهي.

اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن موجب مريم نواز کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ بابت محفوظ ڪيل فيصلو سڀاڻي 17 سيپٽمبر تي صبح جو 11 وڳي ٻڌايو ويندو.

LEAVE A REPLY