اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جو حڪم

0
47

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي چاچي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پيرول تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي پيرول تي آزاد ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير شاهد خاقان عباسي جي پيرول تي آزاد ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير شاهد خاقان عباسي کي چاچي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مشروط آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جج محمد بشير ريمارڪس ڏنا ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي انتظاميا سيڪيورٽي جي ذميواري کڻي ته ڊي جي نيب شاهد خاقان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏي.

واضح رهي ته شاهد خاقان عباسي جي ڀيڻ چاچي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ شاهد خاقان عباسي کي پيرول تي آزاد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي.

LEAVE A REPLY