پ پ چيئرمين 18 سيپٽمبر تي اهم مشاورتي اجلاس طلب ڪري ورتو

0
36

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 18 سيپٽمبر تي پارٽي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس طلب ڪري ورتو.

پاڪستان پيپلز پارٽي پاران جاري ڪيل بيان موجب پارٽي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ منجهند جو 3 وڳي زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندو.

بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته مشاورتي اجلاس ۾ پ پ رابطه مهم جي سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ دورن، ملڪ جي گڏيل صورتحال ۽ ٻين معاملن تي غور ڪيو ويندو.

پ پ چيئرمين جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر جو چوڻ هو ته مشاورتي اجلاس ۾ ڊسمبر تائين عمران خان جي حڪومت جي خاتمي واري تحريڪ بابت حڪمت عملي جوڙڻ بابت مشاورت ڪئي ويندي.

LEAVE A REPLY