سنڌ جي وحدت تي امڪاني وارخلاف ٺهراءُ منظور،سنڌ کي نقصان پهتو ته وفاق به نه بچندو: وڏو وزير

0
125
Murad Ali Shah

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪراچي ڪميٽي ۽ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.

سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ ميمبر سهراب سرڪي ڪراچي ڪميٽي ۽ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن کي منظور ڪيو ويو.

سنڌ اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ پاڪستان جي ماءُ آهي، جيڪڏهن سنڌ کي نقصان پهچايو ويندو ته پوءِ وفاق به نه بچندو.

وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته وزيراعظم آئين جي لتاڙ ڪري رهيو آهي، ڏهن مهينن کان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ناهي ٿيو، وفاقي حڪومت آئين تي عمل نه ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ تي وفاق جي ڪميٽي غيرقانوني آهي، وفاق آئين جي پامالي ڪري رهيو آهي، گورنر چيو ته ڪميٽي ڏهن ڏينهن ۾ ئي ختم ٿي ويندي پر ڪجهه نه ٿيو.

وڏي وزير مراد علي شاهه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير بابت ڳالهائيندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ۾ ڪا غلط ڳالهه نه ڪئي هئي، پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ظلم ائين جاري رهيو ۽ پ پ گڏ نه بيٺي ته سنڌوديش ۽ سرائيڪي ديش ٺهي سگهي ٿو پر پ پ هميشه پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه مخالف ڌر ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان ته هميشه کان سنڌوديش وارن سان وڙهندا آيا آهيون ياد ڪيو ته سن وڃي ڪير سنڌوديش وارن سان مليو هو.

وڏي وزير مراد علي شاهه آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ وارو بيان ڏيندڙ وزير سان ملاقات جو انڪار ڪندي چيو ته وزير مون سان ملڻ چاهي ٿو پر جيستائين وزير معافي نه وٺندو ان سان ملاقات نه ڪندس.

وڏي وزير مراد علي شاهه وفاق تي تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ کان نه معيشت هلي رهي آهي ۽ نه ملڪ هلائي سگهن پيا جي ڊي پي گروٿ 3 سيڪڙو کان گهٽجي وئي آهي پر هن ملڪ جو عوام اوهان کي اوهان جي مرضي سان هلڻ نه ڏيندو.

سندس چوڻ هو ته شهر کي صاف ڪرڻ جي ذميواري ڊي ايم سيز جي هئي، ٻڌائينداسين ته ڪراچي کي گذريل ٽن مهينن ۾ ڪيئن گندو ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اڪثر ايوان ۾ چيو ويندو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو ڪالاباغ ڊيم لاءِ پيسا رکيا پر مان تصديق سان چوان ٿو شهيد بينظير ڀٽو جي دور واري بجيٽ ڏسو انهن ۾ هڪ ٽڪو به ڪالاباغ ڊيم لاءِ ناهي رکيو ويو.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي تقرير دوران ۽ ان کانپوءِ مخالف ڌر ميمبرن گوڙ جاري رکيوجنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويو.

اسپيڪر آغا سراج دراني جي بار بار خاموشي جو چوڻ باوجود مخالف ڌر ميمبرن گوڙ جاري رکيو جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

LEAVE A REPLY