پي ٽي آءِ حڪومت ناجائز ۽ نااهل آهي: مولانا فضل الرحمان

0
37

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ حڪومت کي نااهل ۽ ناجائز قرار ڏيندي چيو ته ان عوام کي عذاب ۾ مبتلا بڻائي ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پاڪستان جو مذهبي طبقو پاڪستان جي دستور جي اسلامي قلمن جي عدم تحفظ جو شڪار آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته اسلامي قلمن جو خاتمو عالمي ايجنڊا آهي، هيءَ حڪومت ان ايجنڊا جي ايجنٽ آهي.

سندس چوڻ هو ته معيشت کي بهتر بڻائڻ بدران هر گهر اڄ ماني لاءِ ڳڻتي ۾ آهي ۽ ملڪ جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته وڏين ڪمپنين پنهنجي هزارين ملازمن کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي، نوجوانن کي خوبصورت مستقبل ڏيکاري بيروزگار ڪيو ويو.

جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته چين، افغانستان ۽ ايران سان به جنگ طرف وڃي رهيا آهيون  جڏهن ته ڪشمير کي به کپايو ويو آهي.

LEAVE A REPLY