حڪومت پاران مريم نواز بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان

0
36

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مريم نواز بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪنداسين.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا دوري جي هڪ ايجنڊا ڪشمير مسئلي کي اجاڳر ڪرڻ آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم جنرل اسيمبلي ۾ خطاب دوران ڪشمير مسئلي کي ڀرپور اجاڳر ڪندو ۽ اهم ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.

سڌسماءَ بابت خاص معاون جو چوڻ هو ته ڪابينا اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميڊيا جي شفاف طريقي کي هٿي ڏني وڃي، خاص ميڊيا ٽربيونلز قائم ڪيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته ميڊيا جي احتسابي عمل جي شروعات ڪئي پئي وڃي، خاص ميڊيا ٽربيونلز جي سرپرستي اعليٰ عدليه ڪندي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ٽربيونلز جو مقصد شڪايتن جو ترت ازالو ڪرڻ آهي، ٽربيونلز 90 ڏينهن اندر شڪايتن جو فيصلو ڪرڻ جا پابند هوندا.

وزيراعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته مريم نواز بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف عدالت وينداسين، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو عدالتي فيصلن جي خلاف آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مريم نواز صدر يا جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ اهل ناهي، هوءَ جلسو، جلوس يا ريلي ۾ به حصو نه ٿي وٺي سگهي.

سندس چوڻ هو ته ڪنهن سان به ڪنهن قسم جي ڪا ڊيل نه ٿي رهي آهي، قوم جو لٽيل پيسو واپس ڪريو، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ڪنهن کي به جيل جي طريقيڪار کان هٽي ڪري ريليف ناهي ڏنو.

LEAVE A REPLY