وزيراعظم اعليٰ حڪومتي شخصيتن تي لڳندڙ الزامن تي ناراض

0
41

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ۽ ڪابينا ميمبرن حڪومت جي اعليٰ شخصيتن تي مختلف الزام لڳائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ميمبرن چيو ته وزيراعظم ۽ وزيرن جي ذاتي زندگي کي بي بنياد پروپيگنڊا جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ڪجهه عنصرن پاران اظهار جي آزادي کي ذاتي مقصدن جي پورائي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ان جو مقصد حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ قائم اعتماد کي هدف بڻائڻ آهي.

وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان ان مقصد جي مڪمل ٿيڻ لاءِ ميڊيا کي اوزار طور استعمال ڪيو پيو وڃي، اهڙا سڌارا آندا وڃن جو ميڊيا مفاد پرست ماڻهن جي هٿن جو اوزار نه بڻجي سگهي.

وزيراعظم عمران خان پيمرا جي ڪردار تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته پيمرا پنهنجو ڪردار اثرائتي طريقي سان ادا نه ڪري رهيو آهي.

LEAVE A REPLY