چوڌري شگرملز ڪيس: مريم نواز جي جسماني ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ

0
51
Maryam Nawaz

لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ مريم نواز ۽ يوسف عباس جي جسماني ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

احتساب عدالت جي جج امير محمد خان چوڌري شگر ملز ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته چوڌري شگر مل لڳرائڻ لاءِ شريف ڪٽنب مختلف جڳهن تان قرض کنيو، اي ايف ايف انٽرپرائز نالي ڪمپني مان 3 ڪروڙ رپين جو قرض ورتو ويو، پنجاب ڪارپيٽس نالي ڪمپني مان هڪ ڪروڙ جو قرض ورتو ويو، انهن ڪمپنين کان قرض جو رڪارڊ طلب ڪيو آهي.

جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته مريم نواز کان جاچ دوران سيڙپڪاري بابت پڇاڳاڇا ڪئي وئي، مريم نواز ۽ يوسف عباس جواب نه ڏنا، اسان اسٽيٽ بينڪ کان رڪارڊ طلب ڪيو آهي، رڪارڊ ملڻ کانپوءِ مريم نواز کي رڪارڊ ڏيکاريو ويندو.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي مريم نواز ۽ يوسف عباس جي جسماني ريمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ جي استدعا ڪئي.

احتساب عدالت مريم نواز ۽ يوسف عباس جي جسماني ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، مريم نواز ۽ يوسف عباس کي ٻيهر 25 سيپٽمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY