قومي اسيمبلي جو سڀاڻي ٿيندڙ اجلاس ملتوي

0
35
NATIONAL ASSEMBLY

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جو سڀاڻي 20 سيپٽمبر تي ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق 3 تحت ملتوي ڪيو آهي.

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ گرفتار مخالف ڌر اڳواڻن جي پروڊڪشن آرڊرز جاري نه هئڻ تي واري معاملي تي مخالف ڌر جماعتن پارن سخت احتجاج ڪيو پيو وڃي.

واضح رهي ته اڄ به قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جماعتن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو هو.

LEAVE A REPLY