پاڪستان ۾ 6 مهينن دوران 13 سئو ٻار جنسي زيادتي جو شڪار بڻيا: رپورٽ

0
71

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هلندڙ سال جنوري کان جون تائين 1304 ٻار جنسي زيادتي جو شڪار بڻيا.

غيرسرڪاري تنظيم پاران سال 2019 ۾ ٻارن سان جنسي واقعن جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب جنوري کان جون تائين 1304 ٻارن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.

رپورٽ موجب پنجاب ۾ 652، سنڌ ۾ 458، بلوچستان ۾ 32 ، خيبرپختونخواهه ۾ 51، اسلام آباد ۾ 90، آزاد ڪشمير ۾ 18 ۽ گلگت بلتستان جي 3 ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 12 ٻارن ۽ ٻارڙين کي مدرسن ۾ جنسي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، 6 مهينن ۾ 729 ٻارڙين ۽ 575 ٻار نشانو بڻيا.

LEAVE A REPLY