جنگ مڙهي وئي ته ڀرپور طاقت سان جواب ڏينداسين: صدر عارف علوي

0
32

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جنگي جنون ۾ مبتلا آهي جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته پوري طاقت سان جواب ڏينداسين.

صدر عارف علوي سان ترڪ ميڊيا جي وفد ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي صدر عارف علوي جو چوڻ هو ته جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي ليڊرشپ هندوتوا کي عام ڪري رهي آهي ۽ ڀارت ۾ اقليتن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته عوامي امنگن کي طاقت جي زور تي نه ٿو دٻائي سگهجي، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته پوري طاقت سان جواب ڏينداسين.

صدر عارف علوي چيو ته ترڪ حڪومت ۽ عوام پاران ڪشمير مسئلي تي حمايت جا ٿورائتا آهيون پاڪستان ترڪي جي مفادن ۾ هر معاملي تي ترڪ عوام ۽ حڪومت جي حمايت جاري رکندو.

LEAVE A REPLY