سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل پاران صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج

0
56

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل پاران پوليس گردي، پوليس سرپرستي ۾ اغوا جهڙن واقعن ۽ صحافين تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ريلي ڪڍي سخت احتجاج ۽ ڇتي نعريبازي ڪئي وئي.

سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي صدر غازي جهنڊير، سينيئر صحافين شوڪت زرداري، زوهيب زرداري، امداد سومرو، منظور سولنگي، نجيب نائچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سڄي سنڌ مان آيل سوين صحافين پاران پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي سنڌ اسيمبلي جي مک گيٽ آڏو پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي سخت احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي سينيئر صحافين جو چوڻ هو ته پوليس صحافين خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، مختلف ضلعن ۾ 50 کان وڌيڪ صحافين تي بدنيتي جي بنياد تي دهشتگردي جهڙو الزام مڙهيو ويو آهي.

هنن چيو ته ڪجهه وقت اڳ صحافين جي احتجاج تي وڏي وزير جاچ ڪميٽي جوڙي هئي پر اها به ٽن مهيني جي عرصي دوران ڪي نتيجا نه ڏئي سگهي.

ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني، مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي، جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي، حسنين مرزا، جمال صديقي ۽ ٻين صحافين وٽ پهچي مسئلا ٻڌا.

سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي صدر غازي جهنڊير، زوهيب زرداري، شوڪت زرداري ۽ ٻين صوبائي وزير سعيد غني آڏو پوليس جون ناانصافيون واضح طور بيان ڪيون جنهن تي صوبائي وزير سعيد غني صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.

صوبائي وزير سعيد غني صحافين جي مسئلن تي وڏي وزير مراد علي شاهه کي نوٽيس ۾ آڻڻ سان گڏ معاملن جي شفاف جاچ جي خاطري ڪرائي جڏهن ته مخالف ڌر ميمبرن صحافين جي حمايت ڪندي معاملي کي ايوان ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪيو.

سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل پاران ڌرڻو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڄاڻايو ويو ته جيڪڏهن صحافين کي انصاف فراهم نه ٿيو ۽ ڪرپٽ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته سڄي سنڌ جا صحافي سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هڻندا.

LEAVE A REPLY