هيڊ ڪوچ مصباالحق کي جيڪا مدد گهربل هوندي ضرور ڪندس: وقار يونس

0
45

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بولنگ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته هيڊ ڪوچ مصباالحق کي جيڪو سهڪار گهرجي ضرور ڏيندس، اسان جو مقصد قومي ٽيم کي مٿي کڻي وڃڻ آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بولنگ ڪوچ وقار يونس جو چوڻ هو ته ڪوشش ڪندس ته پاڪستان جي بولنگ لائين بهتر پرفارم ڪري، سرفراز احمد تجربيڪار آهي، ٽيم کي ان جي ضرورت آهي، ڪپتان ڪير بڻجندو ان جو فيصلو چيئرمين ڪندو آهي.

وقار يونس چيو ته نوجوان بولرز ۾ گهڻو ٽئلينٽ آهي، نسيم شاهه باصلاحيت ۽ محمد حسنين به انهن ۾ شامل آهي، جيڪي جلد ٽيم ۾ جاءِ ٺاهيندا.

سندس چوڻ هو ته سريلنڪن ٽيم اچي رهي آهي جيڪو سٺو عمل آهي، اميد آهي ته ائين ئي گرائونڊ آباد هوندا، سريلنڪن ٽيم ۾ باصلاحيت رانديگر شامل آهن، ڪنهن به ٽيم کي ڪمزور نه سمجهڻ گهرجي.

بولنگ ڪوچ چيو ته اڳوڻي ڪوچ اظهر محمود سٺو ڪم ڪيو جيترو مڃڻ گهرجي گهٽ آهي، هيڊ ڪوچ  جي ماتحت ئي سڀ ڪم ڪندا آهن مون کي پنهنجي ڪم جي خبر آهي، اسان گڏجي ڪم ڪنداسين.

LEAVE A REPLY