نوازشريف ۽ آصف زرداري کي اي سي جي سهولت ڏيڻ گهرجي: شيخ رشيد جي خواهش

0
63
Shaikh Rasheed

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مخالف ڌر ڪشمير مسئلي تي حڪومت سان گڏ بيٺي آهي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته منهنجي لائن شهبازشريف سان فِٽ آهي، انکانسواءِ منهنجو ٻيو ڪنهن سان به رابطو ناهي، جيل ۾ قيد نوازشريف ۽ آصف علي زرداري کي اي سي جي سهولت ڏيڻ گهرجي هئن به هِنن جو آخري وقت آهي.

هُن چيو ته عمران خان گڏيل قومن جي اجلاس دوران ڪشميرين جي ڀرپور انداز ۾ ترجماني ڪئي آهي، ترڪي سوڌو ٻين دوست ملڪن ڪشمير بابت پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي جيڪا وڏي ڪاميابي آهي.

ريلوي جي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان، نريندر مودي کي سٺي نموني سمجهائي ڇڏيو آهي جيڪڏهن هن ڀيري جنگ ٿي ته اُها ائٽمي هوندي ۽ تمام سخت به هوندي.

شيخ رشيد چيو ته آمريڪا سُپرپاور آهي ۽ هُو وڪيٽ جي ٻنهي پاسي کيڏندو آهي، هُن کي چين خلاف مودي جي ضرورت آهي ۽ ڀارت کي پاڪستان ۽ چين خلاف آمريڪا جي ضرورت آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ته آءِ ايم ايف ايم ون منصوبي تي ڪا پابندي لڳائي ڇڏي آهي، ان بابت اهم فيصلو وزيراعظم پاڻ ڪندو.

LEAVE A REPLY