مولانافضل الرحمان ڪوبه لانگ مارچ نه ڪندو، سڀ ڪجهه طئي آهي: شيد رشيد

0
44
Shaikh Rasheed

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد مخالف ڌر سان معاملات طئي هئڻ ۽ هاڻوڪي حڪومت جي 5 سال پورا ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.

رپورٽن موجب ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته ريلوي ۾ 80 لک مسافرن جي واڌ ٿي آهي، عمران خان کي چيو آهي ايندڙ چونڊن ۾ ايم ايل ون منصوبي جي اهميت هوندي، ايم ايل ون ۾ دير جي سببن کي جلد حل ڪيو ويندو.

ملڪي سياست تي ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته مولانافضل الرحمان ڪوبه لانگ مارچ نه ڪندو، سڀ ڪجهه طئي آهي، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڊينگي تمام گهڻا آهن کيس چَڪ هڻندا، مولانا لانگ مارچ ڪرڻ نڪرندو ته کيس ڊينگي کي منهن ڏيڻو پوندو، فضل الرحمان جو اصل ڪم ته عمران خان ڪري ڇڏيو آهي.

شيخ رشيد دعويٰ ڪئي ته مخالف ڌر سان سڀئي معاملا طئي آهن، اندر جي ڳالهه اُها آهي ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو.

LEAVE A REPLY