فضل الرحمان جيڪا راند کيڏڻ وڃي رهيو آهي اِن ۾ هُو ڦاسي ويندو: شيخ رشيد

0
51
Shaikh Rasheed

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانافضل الرحمان جي اڳيان کَائي ۽ پويان کُوهه آهي ۽ هُو جيڪا راند کيڏڻ وڃي رهيو آهي اُن ۾ هُو پاڻ ڦاسي ويندو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي مسافر ٽرينن مان 10 ارب رپين جو منافعو ڪمايو ويو.

ملڪي سياست تي ڳالهائيندي هُن چيو ته فضل الرحمان کي چوان ٿو ته 27 آڪٽوبر ۾ 2 هفتا پيا آهن، اِن دوران ڪجهه به ٿيو ته سڄو ملبو اوهان مٿان ويندو، مولانافضل الرحمان اڳ به مخالف ڌر کي رُسوا ڪرايو، انهن جي چوڻ تي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ مخالف ڌر رُسوا ٿي.

ريلوي واري وزير چيو ته فضل الرحمان اوهان ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي استعمال ڪرڻ وڃي رهيا هئا پر اوهان کي استعمال ڪيو پيو وڃي، اوهان جيڪي افواهون ڦيلائي رهيا آهيو اُهي ٺيڪ ناهن، ان تحريڪ جو نقصان ڪشمير ڪاز کي ٿيندو، ڀارت سرحد تي ڇيڙڇاڙ ڪري سگهي ٿو، حالتون نارمل ناهن.

شيخ رشيد جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري نهايت ذميواراڻو بيان ڏنو آهي هُو ٺيڪ چئي رهيو آهي ته ڌرڻي جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا جڏهن ته شهبازشريف کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي، شهبازشريف يا هيڏانهن ٿي يا هوڏانهن، شهبازشريف کي چوان ٿو اڳ جهڙي سياست جو وقت ختم ٿي ويو آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شهبازشريف ڊبل شاهه نه ٿي ۽ نه ئي ڊبل راند ڪري، قومون حملن سان نه معيشت سان تباهه ٿينديون آهن، شهبازشريف اسلامي ملڪن کي اُهو ٻُڌائڻ چاهي ٿو ته مان نوازشريف کي سمجهائڻ جي وڏي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

LEAVE A REPLY