شيخ رشيد جي مريم نواز بابت دعويٰ ڪوڙي نڪتي

0
57

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد جي مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز بابت دعويٰ ڪوڙي نڪتي.

ريلوي واري وزير شيخ رشيد پنهنجي دعويٰ ۾ چيو هو ته لاهور جي جيل ۾ قيد هڪ صاحبزادي وٽان هٿ آيل موبائل مان زبردست ڄاڻ ملي آهي، جيڪي ماڻهو رابطي ۾ هئس سڀني جو رڪارڊ موجود آهي.

ريلوي واري وزير شيخ رشيد پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪنهن جو نالو نه کنيو هو پر هن وقت لاهور جي جيل ۾ نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز قيد آهي.

آءِ جي جيل پنجاب شاهد سليم بيگ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد مريم نواز وٽان ڪا به موبائل هٿ ناهي آئي ۽ نه ان حوالي سان سپرنٽينڊنٽ کي جيل عملي پاران ڪا شڪايت ملي آهي.

شاهد سليم بيگ جو چوڻ هو ته ان حوالي سان هلندڙ خبرون بي بنياد ۽ پروپيگنڊا آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو هو ته لاهور جي جيل ۾ قيد هڪ صاحبزادي وٽان موبائل هٿ آئي آهي.

وڌيڪ پڙهو: هڪ صاحبزادي جي موبائل مان زبردست ڄاڻ ملي آهي: شيخ رشيد جي دعويٰ

LEAVE A REPLY