عمران خان سياسي مخالفن خلاف ڪيس ٺاهيا ته ڀتيون لُڏي وينديون: شيخ رشيد

0
63
Shaikh Rasheed

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته عمران خان سياسي مخالفن خلاف ڪيس ٺاهيندو ته ڀتيون لُڏي وينديون.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد هڪ ڀيرو ٻيهر ريلوي کي نفعو ڏيندڙ ادارو قرار ڏنو ۽ گذريل هڪ سال دوران ٽرينز مان 10 ارب رُپيا ڪمائڻ جي دعويٰ ڪئي.

هُن چيو ته ريلوي جو خسارو 5 بدران 3 سالن ۾ ختم ڪنداسين. جڏهن ته ايم ايل ون منصوبي سان هڪ لک ماڻهن کي روزگار ملندو.
مولانا جي آزادي مارچ جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان پاڻ ڦاسجڻ وڃي رهيو آهي، 26 آڪٽوبر تي ٻڌائيندس ته مولانا فضل الرحمان ڪنهن جي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي.

هن چيو ته نه شهباز شريف جي ڳالهه فائينل آهي، نه مولانا فضل الرحمان ۽ نه ئي وري پيپلز پارٽي جي ڳالهه فائينل آهي، شهباز شريف نه هوڏي آهي ۽ نه هيڏي آهي، اڃا اکاڙي ۾ ڪير به نه لٿو آهي ۽ گيم اڃا فائينل نه آهي.

شيخ رشيد چيو ته عمران خان جيل ۾ ويٺل 6 ماڻهن کي اين آر او ڏئي ڇڏي ته اپوزيشن تحريڪ ٺُس ٿي ويندي، گرفتار سياستدانن خلاف سمورا ڪيس گذريل حڪومتن ٺاهيا، جيڪڏهن عمران خان ڪيس ٺاهيندو ته ڀتيون لُڏي وينديون.

LEAVE A REPLY