سنڌ اندر مولانا فضل الرحمان جي مارچ ۾ ڪابه رُڪاوٽ نه وجهنداسين: ناصرشاهه

0
83
Nasir Hussain Shah

سکر (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير ناصرحسين شاهه وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائمز تي حڪومتي ناڪامين کي مڃڻ بدران انوکي منطق پيش ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصرحسين شاهه چيو ته اسٽريٽ ڪرائمز وڌڻ جا سبب بدحالي آهي، ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هوندو ته هو ڇا ڪندا.

هُن چيو ته پيپلزپارٽي مولانافضل الرحمان جي ڌرڻي جي حمايت ڪري رهي آهي هُو سٺو ڪم ڪرڻ وڃي رهيو آهي، پيپلزپارٽي پرامن ڌرڻي ۽ مارچ جي سپورٽ ڪندي، سنڌ ۾ مولانا جي مارچ ۾ ڪابه رُڪاوٽ نه وجهنداسين.

صوبائي وزير چيو ته ڪرچي ۾ اسان ڪچري جي پويان لڳاپيا آهيون پر اصل ڪم ڊي ايم سيز جو آهي، حڪومت کي به پنهنجي ذميواري جو احساس آهي ۽ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون، امن امان جي حوالي سان پهريان حالتون ٺيڪ نه هيون پر هاڻي بهتر آهن.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام به اعتراف ڪيو هو ته هُن جو خاندان به ڪراچي ۾ ڦُرجي چڪو آهي.

LEAVE A REPLY