معاملو ٺيڪ ٿي ويندو، فضل الرحمان ۽ ٻين سان رابطا هلندڙ آهن: شيخ رشيد

0
48
Shaikh Rasheed

ننڪانه صاحب (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مولانافضل الرحمان جي ڌرڻي تي پورو يقين آهي ته معاملو ٺيڪ ٿي ويندو، فضل الرحمان ۽ ٻين ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه هلندڙ آهي.

تفصيل موجب ننڪانه صاحب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته 23 کان 26 تاريخ تائين ڌرڻي بابت پنهنجي راءِ ڏيندس، شهبازشريف وڪيٽ جي ٻنهي پاسي نظر ايندو آهي کيس چيو به آهي ته هڪ پاسي کيڏي، يا آسمان تي رهي يا پوءِ پنهنجا پِير زمن تي رکي.

هن چيو ته بلاول ڀٽو مولوين کان ڊنل آهي، کيس خبر آهي ته هي ڌرڻو ڏيندا ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي ڪابه گنجائش ناهي.

شيخ رشي جو چوڻ هو ته مولانافضل الرحمان فيس سيونگ گهري رهيو آهي، ٿي سگهي ٿو ڪو وچون رستو نڪري اچي، اسان جي غلطي آهي جو اسان کين گهڻي لفٽ ڪرائي آهي، ڪيبنٽ ۾ به چيو ته اسان جي ميڊيا پاليسي مناسب ناهي.

وفاقي وزير چيو ته هي سڀ دنيا ۾ اسلامي قوتن کي بدنام ڪرڻ جي سازش آهي، ڊنڊن سان ڪوبه فرق نه پوندو، پورو يقين آهي ته معاملو سيٽ ٿي ويندو، سڀ ڪجهه سٺو ڏسي رهيو آهيان.

والاريل ڪشمير جو ذڪر ڪندي سندس چوڻ هو ته ڪشمير پاڪستان لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي اسان جي جيڪا ڪجهه حڪمت عملي آهي اُن ۾ مودي ڦاسي رهيو آهي، سمجهان ٿو ته پاڪ فوج هروقت ڪنهن به جارحيت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

LEAVE A REPLY