خورشيدشاهه جي جسماني رمانڊ ۾ 6 ڏينهن جي واڌ

0
63
Khursheed Shah

سکر (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت پيپلزپارٽي جي ايم اين اي خورشيد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 6 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب سکر جي احتساب عدالت ۾ خورشيدشاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، نيب طرفان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي خورشيد شاهه کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران خورشيد شاهه عدالت ۾ ڳالهائيندي چيو ته نيب وارن اسلام آباد جا جيڪي 2 اڪائونٽس ٻڌايا آهن، اُهي پارليامينٽيرينز طرفان آءِ ڊي پيز لاءِ کوليا ويا هئا، اُنهي اڪائونٽ ۾ گڏيل صحيحون ٿيل هيون، اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جي به صحيح ٿيل آهي.

احتساب عدالت جي جج چيو ته هُن به نيب وارن کان پُڇيو آهي ته ڇا جاچ ۾ فهميد مرزا کي به شامل ڪيو پيو وڃي؟ لڳي ٿو نيب آفيسر اِنهي صورتحال جي حوالي سان اڻڄاڻ آهن.

ٻڌڻي دوران خورشيد شاهه عدالت کان استدعا ڪئي ته جج صاحب! توهان مون کي ٽن مهينن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، آئون عزتدار سياستدان آهيان، اِن سموري صورتحال تي مون کي تڪليف ٿي رهي آهي ۽ اها تڪليف مون کي اندران ئي اندران کائي رهي آهي.

احتساب عدالت ڌُرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ خورشيد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 6 ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

LEAVE A REPLY