مردان (ويب ڊيسڪ) مردان ۾ زمين جي معاملي تان تڪرار تان فائرنگ ۾ امڙ ۽ سندس ٽن پٽن سميت پنج ڄڻا زندگيون وڃائي ويٺا.
پوليس موجب مردان جي علائقي گوجر ڳڙهي ۾ فائرنگ جو واقعو ملڪيت جي تڪرار تان پيش آيو.
جوابدارن مخالفن جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڀائر سندن ماءُ ۽ هڪ ٻارڙي مارجي ويا ۽ جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا.
پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.