وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس 22 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو

0
19
PM Imran Khan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 22 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي مشاورت ڪئي ويندي جڏهن ته گهرن جي اڏاوت لاءِ 5 ارب جا بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي منظوري ڏني ويندي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس 22 آڪٽوبر تي ٿيندو، اجلاس ۾ 12 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.

ڪابينا اجلاس ۾ 6 نون قانونن جي آرڊيننس جي ذريعي منظوري بابت سمري پيش ڪئي ويندي.

LEAVE A REPLY