وزيراعظم جي استعيفيٰ ناممڪن آهي، مخالف ڌر کي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي: پرويز خٽڪ

0
39
Parvez Khattak

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پاران مولانا فضل الرحمان ۽ ٻي اپوزيشن جماعتن کي ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي آهي.

جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهين بابت ڪميٽي جي سربراهه پرويز خٽڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اپوزيشن وارا گڏ نه ٿا ويهن ان جو مطلب آهي ته انهن جي دل ۾ چور آهي ۽ هو ڪنهن ٻي ايجنڊا تي آهن.

پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اپوزيشن جي ايجنڊا پاڪستان آهي ته ڳالهيون ڪرڻيون پوندن، وزيراعظم جي استعيفيٰ ناممڪن آهي ان جو مطلب آهي ته اپوزيشن وارا چڙهائي ڪرڻ چاهين ٿا.

بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته ڏڦيڙ ٿيو ته ان جي ذميوار اپوزيشن هوندي، فضل الرحمان ٿنڀن تي حملا نه ڪري.

سندس چوڻ هو ته اسان پ پ، ن ليگ ۽ عوامي نيشنل پارٽي سميت هر جماعت جي سينيئر ليڊرز سان رابطي ۾ آهيون.

وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي بڻيل ڪميٽي ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، اسد عمر، وفاقي وزير شفقت محمود ۽ مذهبي معاملن وارو وزير نورالحق قادري سميت مسلم ليگ ق جو اڳواڻ پرويز الاهي شامل آهن.

LEAVE A REPLY