خورشيد شاهه جي جسماني ريمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ

0
38

سکر (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي جسماني ريمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

احتساب عدالت ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ خورشيد شاهه کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران خورشيد شاهه جي وڪيل رضا رباني دليل ڏنا ته خورشيد شاهه ڪيس ۾ سمورن سوالن جا جواب جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، پهرئين ڏينهن ئي چيو هو ته سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

رضا رباني عدالت کي آگاهي ڏني ته 5 ارب کان شروع ٿيل ڪهاڻي باجوڙ متاثرين لاءِ کليل اڪائونٽ تي ختم ٿي وئي آهي، گهر ۽ اسيمبلي فنڊريزنگ جي سبب خورشيد شاهه کي هڪ مهيني کان حراست ۾ رکيو ويو آهي.

وڪيل رضا رباني پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪندي کيس عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جي استدعا ڪئي.

نيب جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪندي چيو ته خورشيد شاهه خلاف جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي، جوابدار پاڻ نيب الزامن تي ثبوت فراهم ڪندو آهي، خورشيد شاهه کان جيڪو سوال ڪجي ٿو ته جواب ۾ چئي ٿو ته منهنجا نه پر خاندان جا اثاثا آهن.

نيب خورشيد شاهه جي جسماني ريمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي خورشيد شاهه کي 15 ڏينهن لاءِ جسماني ريمانڊ تي نيب موڪلي ڇڏيو.

احتساب عدالت پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي ٻيهر 4 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

LEAVE A REPLY