مريم نواز جي نواز شريف سان ملاقات ڪرائي وڃي: وزيراعظم جي هدايت

0
26

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  وزيراعظم عمران خان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان سندس ڌيءُ مريم نواز جي ملاقات ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان رابطو ڪيو ۽ کيس چيو ته نواز شريف سان مريم نواز جي ملاقات ڪرائي وڃي.

مليل ڄاڻ موجب وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي جلد مريم نواز کي سروسز اسپتال آندو ويندو جتي سندس جي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪرائي ويندي.

واضح رهي ته مريم نواز احتساب عدالت ۾ والد سان ملڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي جنهن کي عدالت معاملو دائره اختيار ۾ نه هئڻ سبب رد ڪري ڇڏيو هو.

LEAVE A REPLY