وزيراعظم جي هدايت تي مريم نواز جي نواز شريف سان ملاقات

0
51
Maryam Nawaz

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي هدايت کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان سندس ڌيءُ مريم نواز جي ملاقات ڪرائي وئي.

پنجاب جي گهرو کاتي جي خاص اجازت تي مريم نواز کي جيل مان سخت سيڪيورٽي ۾ سروسز اسپتال پهچايو ويو جتي هن پنهنجي والد نواز شريف سان ملاقات ڪئي.

جيل رولز موجب عورت قيدي سج لهڻ کانپوءِ ٻاهر نٿيون وڃي سگهن پر مريم نواز کي پيرول تي آزادي جي خاص اجازت تي والد جي عيادت لاءِ اسپتال آندو ويو.

ان موقعي تي ڊاڪٽرن مريم نواز کي نواز شريف کي ملندڙ علاج جي سهولتن جي حوالي سان آگاهه ڪيو.

LEAVE A REPLY