مريم ۽ نواز شريف جي آزادي بابت درخواستن تي ٻڌڻي، نيب کي نوٽيس جاري

0
37

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طبي بنيادن تي آزادي جي درخواست تي سڀاڻي ميڊيڪل رپورٽ طلب ڪري ورتي جڏهن ته مريم نواز جي آزادي واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪيو ويو.

ن ليگ صدر شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ نواز شريف ۽ ڀائيٽي مريم نواز جي فوري آزادي لاءِ ڌار ڌار درخواستون داخل ڪيون آهن.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي ۽  جسٽس سردار احمد نعيم تي ٻڌل 2 رڪني بينچ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب ۽ نيب پراسيڪيوٽر کي طلب ڪندي هدايت ڪئي ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جا تفصيل پيش ڪيا وڃن.

عدالت مريم نواز جي آزادي بابت درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

LEAVE A REPLY