مريم نواز کي والد سان گڏ اسپتال ۾ رهڻ ڏنو وڃي: وزيراعظم جي هدايت

0
37

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته مريم نواز کي پنهنجي والد نواز شريف سان رهڻ ڏنو وڃي.

وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ گورنر چوڌري سرور سان رابطو ڪري کين مريم نواز کي والد سان گڏ رهڻ جي هدايت ڪئي.

پنجاب جي گورنر چوڌري سرور جو چوڻ هو ته مريم نواز کي والد نواز شريف سان رهائڻ لاءِ قانون گهرجون پوريون ڪيون وينديون.

گورنر چوڌري سرور جو چوڻ هو ته مريم نواز کي علاج لاءِ نه پر سارسنڀال لاءِ اسپتال رهايو ويندو.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم الحق به ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان مريم نواز کي والد نواز شريف سان رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

LEAVE A REPLY