شريف ڪٽنب هڪ رپيو به نه ڏيندو، زرداري ڪجهه ضرور ڏيندو: شيخ رشيد

0
43
Shaikh Rasheed

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته آصف علي زرداري ورهائي کائيندو آهي ۽ هُو ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏيندو پر ڪنجوس ڪٽنب هڪ رپيو به نه ڏيندو ڇو جو نوازشريف اڪيلو کائيندو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد ٻڌايو ته ريلوي جي آمدن 180 ملين تائين پهچي وئي آهي، اسان پنهنجي خرچن تي ضابطو آندو آهي، هاڻي اسان وٽ 183 پسنجر ٽرينون ۽ 16 فريٽ ٽرينون هلي رهيون آهن.

ان موقعي تي شيخ رشيد ريلوي پوليس جي پگهار ۾ 50 سيڪڙو واڌ جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته ريلوي پوليس جون پگهارون پنجاب پوليس جي برابر ڪيو ويون آهن.

ملڪي سياست تي ڳالهائيندي هُن چيو ته فضل الرحمان پنهنجي حياتي جو سڀ کان وڏو فيصلو ڪرڻ وڃي رهيو آهي، آزادي مارچ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق اجازت ڏني ويندي.

هُن چيو ته پاڪستان کي اندران خطرو آهي، سرحدن تي ڪوبه خطرو ناهي، آزادي مارچ جي چلمن پٺيان شرارتون ٿي سگهن ٿيون.

نوازشريف جي صحت بابت هُن چيو ته الله تعاليٰ نوازشريف کي صحت ڏي جڏهن به نوازشريف جي صحت خراب ٿيندي آهي ته پرڏيهه جا دروازا کلي ويندا آهن، آصف زرداري، نوازشريف کان گهڻو بيمار آهي پر هُو روئي نه ٿو ته مان مري ويس.

وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي اڳ ئي چيو هو ته جان ڇڏائي هِنن کي وڃڻ ڏي، ڪالهه به عمران خان سان ملاقات ڪئي، هُن چيو ته هاءِڪورٽ جي فيصلي تي چوڪي ڏينداسين، هِن ملڪ ۾ ٻارن جي عقيقي کي به سياست لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان انتشار ۽ خلفشار پکيڙڻ واري ڪوشش مان نڪرندو ۽ پنهنجا 5 سال پورا ڪندو.

LEAVE A REPLY