اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طبي بنيادن تي ضمانت منظور

0
47
Nawaz Sharif

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي چوڌري شگرملز ڪيس ۾ طبي بنيادن تي ضمانت منظور ڪري ورتي.

ياد رهي ته نواز شريف جنهن ڪيس ۾ سزا ڀوڳي رهيو آهي جيستائين ان ڪيس ۾ ضمانت نه ملندي تيستائين سندس جي آزادي ممڪن ناهي.

نواز شريف کي احتساب عدالت العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي جنهن خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ٻڌڻي هيٺ جنهن تي اڱاري ڏينهن ٻڌڻي ٿيندي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جي چوڌري شگرملز ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ نواز شريف جو علاج ڪندڙ ٽيم جو سربراهه ڊاڪٽر محمود اياز پيش ٿيو.

عدالت جي پڇاڻي تي ڊاڪٽر محمود اياز ميڊيڪل بورڊ بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ عدالت کي آگاهه ڪندي چيو ته نواز شريف مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهي جن ۾ هاءِ بلڊ پريشر، ذيابيطس جي بيماري آهي جڏهن ته سندس جا گردا به ختم آهن ۽  2 ڀيرا دل جي آپريشن به ڪرائي چڪو آهي.

ڊاڪٽر محمود اياز چيو ته نواز شريف جي بيماري جي باري ۾ نٿو ٻڌائي سگهجي پر ان جو علاج پاڪستان ۾ ممڪن آهي، ميڊيڪل بورڊ ان جي رت جي نمونن جي چڪاس ڪئي آهي کيس ڊينگي بخار ناهي، لاهور ۾ ان جي علاج جون سموريون سهولتون موجود آهن.

ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته نواز شريف جو بون ميرو ٺيڪ آهي، ان جا پليٽي ليٽس جلد ڪري رهيا آهن.

عدالت ميڊيڪل بورڊ جي سربراهه کان سوال ڪيو ته نواز شريف جي طبي صورتحال ڪهڙي آهي جنهن تي ڊاڪٽر محمود اياز عدالت کي ٻڌايو ته بورڊ ڏينهن ۾ 3 ڀيرا نواز شريف جو طبي معائنو ڪندي آهي، ان جو گذريل ٻن مهينن ۾ 5 ڪلو وزن گهٽجي ويو آهي، اسان ان کي اسٽرائيڊز ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

عدالت ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن کانپوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته جسٽس باقر نجفي سوال ڪيو ته توهان نواز شريف جي اسپتال ۾ علاج جي باري ۾ ڇا چوندا، ان تي ڊاڪٽر محمود اياز چيو ته نواز شريف جي بيماري جي ڪنهن حد تائين سڃاڻپ ٿي چڪي آهي پر اڃا مڪمل ڄاڻ ناهي ملي، ان کي بيماري ڪيئن ٿي ان جو پتو لڳائي رهيا آهيون.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا نواز شريف جي جان کي خطرو آهي؟ ان تي ڊاڪٽر محمود اياز چيو ته نواز شريف جي صحت ڳڻتي جوڳي آهي اهو تڏهن سفر ڪري سگهي ٿو جڏهن ان جا پليٽي ليٽس 50 هزار هوندا.

عدالت نيب جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ڇا نيب ان ضمانت واري درخواست جي مخالفت ڪري ٿو؟ ان تي نيب جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن نواز شريف جو علاج پاڪستان ۾ ممڪن آهي ته اتي ئي علاج ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن صحت خطري ۾ آهي ته پوءِ ڪو ٻيو آپشن ناهي.

عدالت ڊگهي ٻڌڻي کانپوءِ نواز شريف جي طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي ضمانت منظور ڪندي هڪ_هڪ ڪروڙ رپين جا 2 مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

LEAVE A REPLY