جناح اسپتال ۾ منشيات وڪرو ڪندڙ پوليس اهلڪار گرفتار

0
103

ڪراچي (رپورٽ امتياز مستوئي) سنڌ جي تختگاهه ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ منشيات وڪرو ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو.

اينٽي نارڪوٽڪس فورس جناح اسپتال جي پارڪنگ ڪمپليڪس تي ڇاپو هنيو جنهن دوران منشيات اسمگلنگ ۾ ملوث پوليس اهلڪار ولي محمد سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

جوابدارن مٿان داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن وٽان 32 ڪلو چرس  برآمد ٿي آهي.

ايف آءِ آر موجب ڪيس ۾ گهربل ٽيون جوابدار اعجاز بٽ روپوش آهي، جوابدارن ٻڌايو آهي ته انهن کي چرس اعجاز بٽ ڏني آهي.

ايف آءِ آر موجب اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڇاپو 22 آڪٽوبر تي هنيو هو گرفتار ٿيل پوليس اهلڪار سي ڊي ۾ مقرر ٿيل آهي.

 

مليل ڄاڻ موجب فرار ٿيل جوابدار به پوليس ۾ سب انسپيڪٽر آهي.

LEAVE A REPLY